لاھور:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جناح هائوس، عسڪري ٽاور حملي ۽ شادمان ٿاڻي کي باهيون ڏيڻ جي ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.
جناح هائوس، عسڪري ٽاور حملو ۽ شادمان ٿاڻي کي ساڙڻ جي ڪيسز جي ٻڌڻي لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي. عبوري ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ تي اڄ عمر ايوب عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ عمر ايوب جي وڪيل طرفان پيشي کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي.
عمر ايوب جي وڪيل چيو ته عمر ايوب کي عدالت 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. هن حفاظتي ضمانت جي لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. حفاظتي ضمانت کان سواءِ عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي. پر عدالت پيشي کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي عمر ايوب جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
دهشتگردي جي انت واري عدالت چيو ته عدالت مان سزا ٿي چڪي آهي ته ڏوهاري عدالت جي سامهون سرنڊر ڪري، سزا يافته ڏوهاري کي حفاظتي راهداري ضمانت نٿي ملي سگهي سرنڊر کان اڳ جوابدار اپيل به داخل نٿو ڪري سگهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language