welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گهوٽڪي: صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي پيئڻ سبب هڪ ئي گهر جا 15 ڀاتي بيهوش

گھوٽڪي:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ گهريو مهر ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي پيئڻ سبب هڪ ئي گهر جا 15 ڀاتي بيهوش ٿي ويا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زهريلو پاڻي پيئڻ سبب بيهوش ٿي ويلن ۾ محمدعلي مهر، غلام حيدر مهر، احمد علي مهر، عبدالستار، غلام محمد مهر، مسمات ثوبيه مهر، مسمات الهجوائي، مسمات نوشيده، مسمات سلميٰ سميت 15 ڄڻا بيهوش ٿي ويا جن کي گهوٽڪي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو. ھوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته بازار مان برف گهرائي هئي جنهن جي پاڻي پيئڻ سان سمورا ڀاتي بيهوش ٿي ويا. متاثرن موجب پاڻي پيئڻ کان پوءِ سندن طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽرن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته پاڻي ۾ ڪرڙي يا ٻي زهريلي شيءِ ڪري پئي آهي. ڊاڪٽرن موجب متاثرن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن سڀني کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے