welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شڪارپور: جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل

خانپور:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)خان پور ڀرسان ڪوٽ شاهو جي علائقي ۾ بڊاڻي جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جيڪو ڏاڍي شدت اختيار ڪري ويو. جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ نوجوان صوبل بڊاڻي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ ۽ خوف جي فضا ڇانئجي وئي، جڏهن⁠ تہ مقتول جي گهر ۾ غم ۽ سوڳ جا منظر ڏسڻ ۾ آيا. مقامي ماڻهن موجب ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار ڪيترائي ڀيرا ڳوٺ جي ماحول کي تڪراري بڻائي چڪو آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس مقتول جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن⁠ تہ ذميوارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے