welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لائين لاسز آڌار لوڊشيڊنگ ناجائز قرار : نيپرا پاران مخالفت

ڪراچي:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف جماعت اسلامي جي 9 ٽائون چيئرمينن پاران داخل درخواست تي نيپرا پاران پنهنجا اعتراض ۽ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، نيپرا چيو ته ڪمرشل بنيادن تي لوڊشيڊنگ نيپرا جي قانون جي خلاف ورزي آهي، 2023ع ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو، جڏهن ته 2024ع ۾ لائين لاسز جي بنياد تي لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي ڪي اليڪٽرڪ تي 5 ڪروڙ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، نيپرا ريگيوليٽر طور ڪنهن به خلاف ورزي تي ڪارروائي ڪندو آهي،نيپرا پاران ڪي اليڪٽرڪ کي مانيٽر به ڪيو پيو وڃي، ڪنهن به خلاف ورزي جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻڌڻي دوران بينچ جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي کان معذرت ڪندي معاملو چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏيو، ڪيس جي آئيندي ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تي ٿيندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے