
اسلام آباد:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)سپريم ڪورٽ ڪيسن جي فائلنگ، تصديق ٿيل ڪاپين ۽ ٻين عدالتي خدمتن جي فيسن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو. نئون ڪيس داخل ڪرڻ جي فيس 250 رپين کان وڌائي 2500 رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نظرثاني درخواست جو ڪورٽ چالان 125 رپين کان وڌائي 1250 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. آئيني درخواست داخل ڪرڻ جي فيس 250 رپين کان وڌائي 2500 رپيا ۽ نظرثاني جو سيڪيورٽي چالان 10 هزار رپين کان وڌائي 50 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. انٽرا ڪورٽ اپيل جي فيس 250 رپين کان وڌائي 5 هزار رپيا، وڪالت جو ٽڪيٽ 10 رپين کان وڌائي 500 رپيا ۽ بيان حلفي جو ٽڪيٽ 12 رپين کان وڌائي 500 رپيا ڪيو ويو آهي. تصديق ٿيل ڪاپين لاءِ شروعاتي ٽڪيٽ 1100 رپيا هوندو، جڏهن ته تصديق ٿيل فيصلي جي هر صفحي تي الڳ 100 رپيا وصول ڪيا ويندا. نئين ڪيس جي هر صفحي تي به 100 رپين جو ٽڪيٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
چيف جسٽس جي 23 لک 90 هزار پينشن: 14 سال ۾ 18 لک اضافو
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) رٽائرمينٽ کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ملندڙ پينشن ۽ مراعات جا تفصيل قانون ۽ انصاف واري وزارت سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا. جنهن ۾ 2010ع کان 2024ع تائين پينشن ۾ ڪيل واڌ جا تفصيل به شامل آهن. تفصيلن مطابق 2010ع ۾ چيف جسٽس کي 5 لک 60 هزار رپيا پينشن ملندي هئي. 2011ع ۾ پينشن 6 لک 44 هزار ٿي وئي. 2012ع ۾ پينشن 7 لک 73 هزار ٿي وئي. 2013ع ۾ پينشن 8 لک 50 هزار ٿي وئي. 2014ع ۾ پينشن 9 لک 35 هزار ٿي وئي. 2015ع ۾ پينشن 10 لک 5 هزار ٿي وئي. 2016ع ۾ پينشن 11 لک 5 هزار ٿي وئي. 2017ع ۾ پينشن 12 لک 17 هزار، 2018 ۾ پينشن 13 لک 38 هزار، 2021ع ۾ پينشن 14 لک 52 هزار، 2023ع ۾ پينشن 16 لک 57 هزار ۽ سال 2024ع ۾ چيف جسٽس کي ملندڙ پينشن ۾ اضافو ڪندي 23 لک 90 هزار ڪئي وئي. جڏهن ته چيف جسٽس جي بيواهه کي ملندڙ پينشن ۽ مراعتن جا تفصيل به سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويا آهن. جج جي بيواهه کي ڊرائيور ۽ اردلي فراهم ڪيو ويندو.جج جي بيواهه کي هر مهيني 3 هزار لوڪل ٽيليفون ڪالز جي سهولت حاصل هوندي. جج جي بيواهه کي 2 هزار يونٽ بجلي ۽ مفت پاڻي جي سهولت پڻ حاصل هوندي. جج جي بيواهه کي هر مهيني 300 لٽر پيٽرول پڻ ڏنو ويندو. جج جي بيواهه کان انڪم ٽيڪس نه ورتو ويندو.
نظرثاني درخواست ساڳئي بينچ ٻڌندي: سپريم ڪورٽ جا نوان رولز لاڳو
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 1980ع جا قاعدا رد ڪندي نوان سپريم ڪورٽ رولز 2025ع لاڳو ڪري ڇڏيا، جيڪي 6 آگسٽ کان لاڳو هوندا، ٻڌڻي هيٺ درخواستون ۽ اپيلون پراڻي طريقيڪار موجب اُڪلايون وينديون. نئين رولز تحت فوجداري ۽ سڌي ديواني اپيل داخل ڪرڻ جي مدي کي 30 ڏينهن کان وڌائي 60 ڏينهن ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف اپيل 14 ڏينهن اندر داخل ڪرڻ لازمي هوندي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست ڏيڻ جو مدو 30 ڏينهن مقرر ڪيو ويو آهي ۽ درخواست سان گڏ فيصلي يا حڪم جي تصديق ٿيل ڪاپي جمع ڪرائڻ لازمي هوندو. نظرثاني درخواست ۾ نوان ثبوت پيش ڪرڻ جي صورت ۾ تصديق ٿيل دستاويز ۽ حلف نامو ڏيڻ ضروري هوندو. درخواستگذار يا سندس وڪيل مختصر طور تي نظرثاني جي بنياد بيان ڪندو، جڏهن ته غير سنجيده يا تنگ ڪندڙ درخواست تي 25 هزار رپيا تائين ڏنڊ لاڳو ڪري سگهبو. نظرثاني درخواست امڪاني طور تي اها ئي بينچ ٻڌندي، جنهن اصل فيصلو ڏنو هو، پر جيڪڏهن فيصلو لکندڙ جج رٽائرڊ يا استعيفا ڏئي چڪو هجي ته بينچ جا ٻيا جج ڪيس ٻڌندا. جيل درخواستن تي ڪا به ڪورٽ فيس نه ورتي ويندي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي رولز جي تياري لاءِ، جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي هئي، جنهن ۾ جسٽس عرفان سعادت خان، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عقيـل احمد عباسي شامل هئا. ڪاميٽي ججن، سپريم ڪورٽ آفيس، بار ڪائونسلز ۽ ايسوسيئيشنز کان تجويزون وٺڻ بعد هي مسودو تيار ڪيو.
ناڻي وزير جي چيف جسٽس سان ملاقات: عدالتي سڌارن تي ڳالهيون
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي سان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي جاري سڌارن وارن قدمن ۽ عدالتي نظام جي بهتري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پڌرائي موجب چيف جسٽس عدالتن کي جديد بڻائڻ، انصاف تائين پهچ بهتر ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي سروس ڊليوري ۾ بهتري تي زور ڏنو.ملاقات ۾ ٽيڪس ڪيسن جي درجابندي، متبادل نظامِ انصاف (ADR) ذريعي ٽيڪس تڪرارن جي بروقت حل ۽ جوڊيشل اڪيڊمي ۾ عدالتي آفيسرن ۽ ايس اي سي پي ميمبرن جي تربيت جي جاري پروگرام تي به ڳالهيون ٿيون. چيف جسٽس چيو ته اي ڊي آر سسٽم جي ڪاميابي لاءِ سرڪاري سهڪار ضروري آهي. ناڻي وزير محمد اورنگزيب عدليه جي سڌارن واري ايجنڊا کي ساراهيندي چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ شھرين جي حقن جي تحفظ لاءِ عدليه ۽ انتظاميا کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language