
پشاور:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر اعلان ڪيو آهي ته 14 آگسٽ تي جشن آزادي ملهائينداسين، انهي سان گڏوگڏ عمران خان جي آزادي لاءِ آواز به اٿارينداسين. هن چيو ته عوامي مينڊيٽ جي قدر نه ڪئي وئي ته اهو سموري ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ خطرو هوندو.نااهلين واري سيزن هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، رپورٽ موجب پشاو هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته اسان چئون ٿا ته ڳالهيون ٿيڻ گهرجي، اسان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته دهشتگردي ختم ٿئي ۽ امن قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته دهشتگردي سبب قبائلي ضلعن جا ماڻهو تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن.هن چيو ته نااهلي ڪنهن مسئلي جو حل نه هوندو آهي، غلطيون سڀني کان ٿينديون آهن. 9 مئي جو واقعو افسوسناڪ هو، اسان پاڪستان جي يوم آزادي کي ڀرپور طريقي سان ملهائينداسين بيرسٽر گوهر چيو ته ٻاهران ۽ اندروني بدامني کي روڪڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي، اسان سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي. نااهلين جو سيزن هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عوامي مينڊيٽ جي قدر نه ڪئي ويندي ته ملڪ ۽ جمهوريت جي لاءِ خطرو هوندو. اسان ڳالهين جي لاءِ چيو ته ڳالهيون ضرور ٿيڻ گهرجن انهي سان ئي بدامني جو خاتمو ٿيڻ گهرجي
0 تبصرے
Do not use vulgar language