ڪراچي:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)ڪراچي جي گلبرگ ٽائون علائقي ۾ هڪ شهري هڪ مبينا ڌاڙيل کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
پوليس موجب، ڌاڙيل جي موت جو واقعو عائشه منزل فلائي اوور تي پيش آيو، جتي ڌاڙيل هڪ شهري کي ڦري رهيا هئا ته شهري انهن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هڪ مبينا ڌاڙيل مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.
ٻئي طرف، سائيٽ ايريا، نورس چورنگي ويجهو هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو.
پوليس موجب، جوابدار هڪ شهري کي ڦري رهيا هئا جڏهن پوليس پهتي، بعد ۾ مقابلي ۾، جوابدار مارجي ويو، مقتول جوابدار وٽان پستول ۽ چوري ٿيل سامان پڻ هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار جو ساٿي پڻ فرار ٿي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language