گھوٽڪي:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)گهوٽڪي جي ڪچو ٻنڊي ٽو واري علائقي ۾ پوليس جو جاگيراڻي گينگ خلاف آپريشن تيز پوليس پاران ڪيل ڊرون حملي ۾ 10 سالن جو معصوم نينگر مارجي ويو 2 عورتون زخمي ٿي پيون، ڪچو ٻنڊي ٽو واري علائقي ڳوٺ ڪرم خان جاگيراڻي ۾ پوليس پاران ڏوهارين جي ٿاڪن تي ڪيل ڊرون حملي ۾ 10سالن جو معصوم نينگر عبيدالله جاگيراڻي مارجي ويو جڏهن ته 2 عورتون زخمي ٿي پيون ان حوالي سان ايس ايس پي گهوٽڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس ڪچي واري علائقي ۾ ٻن ڏينهن کان آپريشن ناهي ڪيو ٿي سگهي ٿو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس حملو ڪيو هجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language