ڪراچي:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع) ڪراچي ۾ بدين واسي ڊاڪٽر شنڀو لال ٽارگيٽ بڻائي قتل، ان ڏس ۾ لياري جي ٻڪرا پڙي ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري شنڀو لال ولد وجئه رام کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب ابتدائي طور 2 هٿياربندن لياري ايڪسپريس وي طرف ويندڙ ڊاڪٽر تي فائرنگ ڪئي، واقعي واري هنڌان گولين جا 3 خول مليا آهن، ٻيون شاهديون به گڏ ڪيون ويون آهن. پوليس موجب ابتدائي طور واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو پر مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. مقتول ڊاڪٽر جو لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول ڊاڪٽر جو تعلق بدين سان هو، هتي ڪافي سالن کان فيملي سميت گارڊن ۾ رهندو هو، ڊاڪٽر ڪلا ڪوٽ ٿاڻي سامهون ڪلينڪ هلائيندو هو، ڪلينڪ بند ڪري گهر وڃي رهيو هو ته لياري ايڪسپريس وي تي چڙهڻ دوران هٿياربندن کيس نشانو بڻايو. ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندڙ علائقي واسين ٻڌايو ته ڊاڪٽر هر روز پيادل ويندو هو، چوندو هو ته واڪ لازمي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language