welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد ۾ مورو مارچ: ڇنڇر تي وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ريلي جو اعلان: هاڻ دما دم مست قلندر ٿيندو: وڪيل

حیدرآباد:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع) آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، مورو جي شھيدن سان انصاف، سنڌ ۾ وڪيلن جو قتل عام ۽ پاڻي تي ڌاڙي، 6 ڪئنالن جي منصوبي، پيڪا قانون، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ 26 هين آئيني ترميم سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف حيدرآباد ۾ آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪاميٽي پاران گل سينٽر کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين پيادل “مورو مارچ” ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان وڪيلن وڏي انگ جي شرڪت، آل سنڌ لائيرز ايڪشن پاران 16 آگسٽ تي ڪراچي ھاءِ ڪورٽ کان وزير اعليٰ سنڌ ھائوس تائين احتجاجي پيادل ريلي جو اعلان، سيڪريٽري آل سنڌ لائيرز ايڪشن ايڊووڪيٽ اسرار چانگ ڪالھه پيادل مارچ ۾ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين انيشيٽو تحت ڏنل سموريون زمينون سياحتي مقام، جبل، ڍنڍون، ڍورا ۽ 26 هين آئيني ترميم، مورو جي شھيدن سان انصاف نه ٿيڻ، سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙي، پيڪا قانون واپس نه ٿيو ھاڻي دمادم مست قلندر سنڌ وزيراعليٰ هائوس وٽ ٿيندو، سڄي سنڌ اندر خاص ڪري ڪراچي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ اتر سنڌ جي ٻين علائقن ۾ جيڪو دهشت جو ماحول جوڙيو ويو آهي، ڪراچي ۾ وڪيلن کي سازش طور ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ۽ ماڻهن کي ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، ڪراچي ۾ ٻن وڪيلن جي هڪ مهيني جي مختصر عرصي ۾ ٿيل ٽارگيٽ ڪلنگ جي تازين المناڪ واقعن قانون ۽ امان جي بگڙجندڙ صورتحال ۽ وڪيل برادري لاءِ خطرناڪ ثابت ٿين ٿيون، رياست جي آئيني ذميواري آهي، ته انهن ماڻهن جي حفاظت کي يقيني بڻائي، جيڪي حقن ۽ آزادي جي تحفظ لاءِ بيٺل آهن، ھن چيو ته سنڌ جو ماڻھو ھاڻي ڌوڪي ۾ نه ايندو، توھان کي ڪئنال ختم ڪرڻا پوندا، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تحت ڪمپنين کي ڏنل زمينون واپس ورتيون وڃن، سنڌ جا ماڻهو وڪيلن مان مايوس نه ٿين سنڌ جا وڪيل سنڌ جي وجود خاطر متحرڪ آھن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو ختم ڪرائينداسين، بردباري ۽ مستقل مزاجيءَ سان جدوجھد ھلائي ڪاميابي وٺڻ گھرجي، گرين انيشيٽِوِ جي نالي تي سنڌ جي هڪ ايڪڙ زمين به ڪنهن کي ڏيڻ نه ڏينداسين، جڏھن ته سنڌ بار جي ميمبرن ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ غلام رسول سوھو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، لاڙڪاڻو ھاءِ ڪورٽ بار جو صدر اطھر عباس، حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار جي صدر اشعر مجيد کوکر، ايڊووڪيٽ مير مڱريو، ايڊووڪيٽ الطاف سچل اعواڻ، ايڊووڪيٽ فيصل مغل، ايڊووڪيٽ امير آزاد پنھور، نويد جروار، ڪي بي لغاري، حسيب جمالي، ڪاظم مھيسر، فھيم انڙ، مير پرويز ٽالپر سميت ٻين وڪيل پڻ خطاب ڪيو جڏھن ته پيادل مارچ ۾ ڪراچي، ٽٺو، سجاول، بدين ڄامشورو، دادو، مٽياري، ٽنڊومحمدخان، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، خيرپور ميرس سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ھاء ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۽ تعلقي بار ايسوسيئيشن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد، ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران ڪالھه مڪمل طور تي عدالتي ڪارروائيون معطل رهيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے