
قمبر شهدادڪوٽ:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع) سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۾ به پاڻي کوٽ ختم نه ٿي سگهي آهي. جنهن خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادگار روڊن تي نڪري آيا، شهدادڪوٽ ۾ 9 ڪلاڪ ڊگھو ڌرڻو هنيو ويو. ان ڏس ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف سوين هاري آبادگارن مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان شهدادڪوٽ باء پاس روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي قمبر جي آفيس جي مکيه دروازي اڳيان ڌرڻو هنيو، اڳواڻن مير مظفر بروهي، محمد علي هڪڙو، حافظ عذير جاگيراڻي،ميڊم ناهيد کهاوڙ، غيبي خان مغيري،حبدار ميرجت،محمدحيات تنيو،شفيع محمد کوسو، محمد جان بروهي، ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته انتظامي نااهلي ۽ مبينه ڪرپشن سبب ضلعي جي اڪثر شاخن، واهن ۽ ڪئنالن۾ پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙن تي ساريالي فصل جي پوکي نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته ساريالي فصل جو پوکيل ٻيجارو پڻ سڙي سڪي رهيو آهي، جنهن سبب هاري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته قبو سعيد خان تعلقي ۾ ماڻهن ۽ چوپائي مال جي لاءِ به پاڻي اڻلڀ آهي، شاخن واهن ۽ ڪئنالن جي کاٽي لاءِ آيل اربين رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي وڃڻ سبب مختلف شاخن واهن ۽ ڪئنالن جي پڇڙي ۾ هن وقت تائين پاڻي پهچي نه سگهيو آهي، بااثر وڏيرا، ڀوتار ۽ ايريگيشن کاتي جا عملدار پاڻي چوري ۾ ملوث آهن، سنڌ جي حصي جو پاڻي بلوچستان کي وڪرو ڪري ڏنو پيو وڃي، وڏيرن ۽ ڀوتارن مختلف ڪئنالن جي ريگيوليٽرن تي پنهنجا خانگي هٿياربند مقرر ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي پنهنجي مرضي مطابق مختلف شاخن ۾ پاڻي ڇڏي رهيا آهن، جڏهن ته ايريگيشن عملو به انهن جي ماتحت بڻجي ڪٿي به نظر نه پيو اچي شاخن ۾ وڏا پائيپ هڻي پاڻي چورايو پيو وڃي، آگسٽ مهيني ۾ ساريالي فصل جو رونبو يا پوکائي مڪمل ٿي ويندي آهي پاڻي نه هئڻ ڪري هن وقت تائين ساريالي فصل جو ٻيجارو به پوکجي نه سگهيو آهي، ڌرڻي دوران پ پ ضلعي صدر ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمن قمرالدين گوپانگ ۽ اي ڊي سي ڌرڻي واري هنڌ پهچي هاري آبادگارن سان ڳالهيون ڪيون ۽ پاڻي جي چوري روڪائڻ لاءِ رينجرز کي مقرر ڪرڻ سميت پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ اڄ ڊي سي آفيس ۾ ڊي سي سميت ايريگيشن کاتي جي اعلي عملدارن سان هاري آبادگار اڳواڻن جي گڏجاڻي ڪرائڻ جو يقين ڏياري احتجاج ختم ڪرايو ويو. هوڏانهن سجاول جوڻيجو لڳ جلباڻي شاخ جي آبادگارن وحيد علي چانڊيو، محمد صالح ڀٽو، نيڪ محمد ساريو، بادشاھ لانگاھه، منصور ڀٽو، حاجن لانگاھه سميت ٻين آبادگارن جلباڻي شاخ ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪرڻ خلاف رتوديرو – شھدادڪوٽ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جيڪو ڪيترئي عرصي تائين جاري رهيو، جنھن بعد آبپاشي کاتي جو ايس ڊي او ڌرڻي واري هنڌ پھچي ٻن ڏينھن جي مھلت گھري پاڻي ڏيڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي وڳڻ ويجھو ڳوٺ علي اصحابو واسين پاران ڪور ھاشم شاخ ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن جو ساريالو ٻيجارو وات ۾ وجھي آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. عبدالله تنيو، حافظ جاويد، محمد شاهد تنيو، احمد علي گاڏهي، هدايت الله گاڏهي ۽ علي اصغر بروهي چيو ته آبپاشي عملي پاران پيسن عيوض بااثر زميندارن کي پاڻي ڏيڻ ڪري اسان جو پوکيل ساريالو فصل سڪي رھيو آھي، اسان کي لکين رپين جي نقصان جو خدشو آھي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري اسان جي ساريالي فصل کي سڙڻ کان بچايو وڃي. وارهه تعلقي جي مختلف شاخن ڪنئور، نصير، پنا،تنيامائينر،ڪالري،لنڊي،نواب شاخ،پنهوارو ۽ ٻين ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف واپاري دڪاندار اتحاد وارهه جي سڏ تي شهر جي مک فاضل راهو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. واپاري اتحاد جي صدر پنهل عباسي، نياز حيدري، عبدالحڪيم ٻگهيو، سرتاج چانڊيو، عبدالهادي چولياڻي ،وقار رضا ۽ ٻين چيو ته سمورا ڪاروبار زراعت جي ڪري ئي هلندا آهن آبپاشي عملدارن هٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪري هاري آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪري رهيا آهن احتجاج ڪرڻ تي ايس ڊي او ڪريم خانزاده ۽ ٻيا عملدار آبادگارن کي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ لاء ڌمڪائي رهيا آهن. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي ٻي صورت ۾ تحريڪ تيز ڪئي ويندي. بھرام لڳ مستوئي شاخ جي آبادگارن ھارين برڪت علي بروهي نعمت الله مگسي ڪامريڊ عطا الله محمد وارث خاصخيلي واحد بخش پيارل خان حبيب الله جن جي اڳواڻي ۾قمبر شهدادڪوٽ مين روڊ تي ڊينگر رکئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي آبپاشي ڪامورن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. قبوسعيدخان ۾سيف الله مگسي برانچ ۽ ان مان نڪرندڙ ڍوري شاخ ۾ زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف جماعت اسلامي پاران ڪچي پل باءِ پاس تي ذولفقار چنو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن دادن چانڊيو ذولفقار چنو سميت ٻين چيو ته سارين جي پوکائي جي مند پڇاڙي ٿيو آهي، پر ھن مھل تائين سيف الله مگسي برانچ مان نڪرندڙ ڍوري شاخ سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي نه پھچڻ ڪري ھزارين ايڪڙ زمينون غيرآباد ٿيڻ جو خدشو آھي. ٻئي پاسي ڪچي پل ۾ پاڻي کوٽ خلاف ھلندڙ علامتي بک ھڙتال تحريڪ جو 28 ڏينهن تي آبپاشي انتظاميان نوٽيس ورتو، ايس ڍي او سيف الله برانچ سب ڊويزن 3 عبدالقادر مغيري ڪئمپ تي پھچي مظاھرينن سان ڳاليھيون ڪري پنج ڏينھن اندر پاڻي ڏيڻ جو واعدو ڪيو اھڙي يقين دھاني کانپوءِ پنج ڏينھن لاءِ تحريڪ ختم ڪئي وئي. ميرپور خاص ۾ پوڇڙي جي آبادگار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي نارا ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف واھن سان لاڳاپيل پوڇڙين جي آبادگارن ميرپورخاص پھچي اسٽيٽ لائيف چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي اڳواڻن پروفيسر يوسف راجپوت، زاھد نون، مير اعجاز ٽالپر، ارباب انور ۽ ٻين چيو تھ ھن وقت سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي ۽ نارا ڪئنال جي سمورن واھن ۾ گھربل پاڻي موجود به آھي، پر ان باوجود وارابندي جوسلسلو ختم نه پيو ڪيو وڃي ۽ پوڇڙين کي ھٿ وٺي سُڪايو پيو وڃي. ھنن چيو ته عمرڪوٽ سب ڊويزن ۾ 45 ڏينھن بعد پاڻي فراھم ڪيو پيو وڃي، جڏھن تھ نئون ڪوٽ ۾ 21 ڏينھن بعد ۽ ميرپورخاص سميت ٻين علائقن ۾ 15_15 ڏينھن بعد پاڻي ڏنو وڃي، جنھن سبب سندن فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسي رھيو آھي. ھنن چيو ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ ڪي به وڏا ڪارخانا ناھن، ھتان جي لکين ماڻھن جو گذر سفر زراعت تي آھي، پر ھاڻ ان کي تباھه ڪيو پيو وڃي. ھنن مقامي چونڊيل نمائندن تي ڇوھه ڇنڊيندي چيو ته ھيڏي وڏي پاڻيءَ جي ھٿرادو کوٽ خلاف ھتان جا نمائندا اسيمبلين ۾ ڳالھائڻ لاءِ تيار ناھن نه ئي اھي ڪو ٻيو قدم کڻي رھيا آھن. آبادگارن چيو تھ 17 آگسٽ تي نئون ڪوٽ کان ميرپورخاص تائين ھزارين آبادگارن جي ريلي ڪڍي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language