welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گهوٽڪي پوليس مانسهره واسي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

گهوٽڪي:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع)پوليس مانسهره جي رهواسي کي ڪچي ويندي رستي مان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، پوليس ترجمان موجب ته بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس محمدپور لنڪ روڊ تان ڪچي طرف ويندڙ خيبر پختون خواه جي شهر مانسهره جي رهواسي سيد رفاقت علي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي پوليس موجب ته اغوا ٿيڻ کان بچي ويل سيد رفاقت علي شاه ٻڌايو ته هو بورچيگري جو ڪم ڪندو آهي هن کي ڪجهه ڏينهن اڳ رانگ نمبر تان ڪال آئي ۽ بورچي جي نوڪري لاءِ چيو، اڄ هو ڪچي طرف وڃي رهيو هو ته پوليس هن کي روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، پوليس موجب ته اغوا ٿيڻ کان بچي ويل سيد رفاقت علي شاه کي قانوني ڪاروائي پوري ڪري واپس مانسهره رانو ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے