موهن جو دڙو/ڏوڪري:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع) ڏوڪري شهر جي فارم ڪالوني جي رهواسي خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سارين جي ٻيجاري ۾ چوپايو مال پوڻ تا جهيڙو ٿي پيو، جڏهن ته جهيڙي ۾ لٺيون ۽ بيلچا لڳڻ سبب نوجوان جاويد خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڏوڪري اسپتال آندو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان فوت ٿي ويو، جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ فريادي عنايت خاصخيلي جو چوڻ هو ته ڀاءُ کي جوابدارن بيدرديءَ سان قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڏوڪري ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو ويو جنهن بعد ڏوڪري پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. هوڏانهن ڏوڪري پوليس جو چوڻ هو ته مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي چئن جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ بروقت ڪارروائي ڪري قتل ڪيس ۾ گهربل چئن مان ٽن جوابدارن صمد خاصخيلي، نور احمد ۽ ماجد خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪيس ۾ گهربل چوٿين جوابدار سليمان خاصخيلي کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language