نصیر آباد:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع)نصيرآباد(ن پ ا) سيد ڪالوني ۾ ڏينهن ڏٺي جو مبينا ڦر دوران گهر ڀاتي 45 سالا غلام نبي ڦلپوٽو پٽ روشن علي ڦلپوٽو قتل ٿي ويو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو ، گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو . مقتول جي ڀاء عبدالستار ڦلپوٽو ٻڌايو ته ڀاءُ ۽ ان جي فيملي گهر ۾ موجود هئي، نامعلوم ٽي هٿيار بند گهر ۾ گهڙي ڦر جي ارادي سان آيا. ڀاءُ ۽ ان جي گهر ڀاتين مزاحمت ڪئي جنهن تي ڦورن ڀاءُ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنھن کان بعد ڦورو فرار ٿي ويا، مقتول جي ڀاء وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي ڀاءُ جي ڪنهن سان ذاتي دشمني نه هئي. اسان سان وڏو ظلم ڪري ويا آهن، انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن حد جي ايس ايچ او ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪري رهيا آهيون، ڦر واقعو آهي يا ذاتي دشمني جي بنياد تي قتل ٿيو آهي، فرانزڪ ٽيم پڻ گهرائي وئي آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .
0 تبصرے
Do not use vulgar language