welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ميرپورخاص ۾ نوجوان جي اغوا ۾ ٻن ايس ايچ اوز ۽ سب انسپيڪٽر سميت 6 اهلڪارن تي ڪيس داخل

میرپورخاص:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع) ميرپورخاص ۾ نوجوان کي ٽن مھينن تائين اغوا ڪري قيد ۾ رکڻ تي تعلقي ٿاڻي جي اڳوڻي ۽ ھاڻوڪي ايس ايچ اوز ۽ سب انسپيڪٽر سميت 6 پوليس اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ چوڌري شريف آرائين جي رھواسي نوجوان محمد قاسم آرائين جي گھر تي چڙھائي ڪري، سندس ٽريڪٽر ٽرالي، موٽر سائيڪل، موبائل فون کڻي ۽ خود نوجوان کي اغوا ڪري ٽن مھينن تائين ٿاڻي اندر غيرقانوني طور واڙي رکڻ ۽ مٿس تشدد ڪرڻ جو ڪيس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ميرپورخاص جي حڪم تي تعلقي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او آفتاب رند، ھاڻي ايس ايچ او عبدالرزاق جمالي، بلوچ آباد پوليس پوسٽ جي انچارج لياقت، سپاھي محمد سليم، سپاھي ڏيئومل، سپاھي پرويز لوڪل خلاف تعلقي ٿاڻي تي ئي داخل ڪيو ويو آھي. داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ مغوي محمد قاسم جي امڙ سليم اختر خاتون ڄاڻايو آھي تھ تعلقي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او آفتاب رند، رياض حسين ۽ محمد اختر جي چوڻ تي سندس پٽ کي ٽي مھينا اڳ اغوا ڪيو ۽ پوليس سندن گھران ٽريڪٽر ٽرالي، موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون پڻ پاڻ سان گڏ کڻي وئي. اھڙي غير قانوني عمل خلاف ھنن درخواست داخل ڪئي، جنھن تي تعلقي ٿاڻي تي ڇاپو ھنيو ويو، ته اتي سپاھي پرويز لوڪس موجود ھو، جڏھن تھ ٿاڻي تان سندن ٽريڪٽر ٽرالي، موٽر سائيڪل ۽ قاسم جو موبائل فون ھٿ ڪيو ويو، جڏھن تھ قاسم اتي موجود نھ ھو. فريادڻ موجب اھڙي عدالتي ڇاپي بعد سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ايس ايس پي ميرپورخاص کي حڪم ڏنو تھ فريادڻ جو بيان رڪارڊ ڪيو وڃي پر ان حڪم تي بھ عمل نه ٿيو. فريادڻ موجب بعد ۾ کين معلوم ٿيو تھ سندس پٽ کي تعلقي ٿاڻي جي پوليس پوسٽ بلوچ آباد تي قيد ڪري رکيو ويو آھي، سندن اھڙي درخواست سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ ٿري پوليس پوسٽ تي ڇاپو ھنيو ته سندس پٽ محمد قاسم بيھوشي جي حالت ۾ ھڪ ڪمري ۾ قيد ٿيل مليو، جنھن کي ھٿ ڪڙيون به لڳل ھيون. فريادڻ موجب سندس پٽ کي اغوا ڪرڻ ۽ غير قانوني طور قيد رکڻ ۾ اڳوڻو ايس ايچ او آفتاب رند، ھاڻوڪو ايس ايچ او عبدالرزاق جمالي، پوليس پوسٽ جو انچارج انسپيڪٽر لياقت، سپاھي محمد سليم ۽ ڏيئو مل، پرويز لوڪس ۽ پرائيويٽ ماڻھو ملوث آھن. فريادڻ موجب سندس پٽ جي بازيابيءَ بعد سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج لاڳاپيل پوليس عملدارن، اھلڪارن ۽ پرائيويٽ ماڻھن خلاف ڪارروائي لاءِ لکيو پر پوليس ان تي عمل نه ڪيو. واضح رھي تھ پوليس خلاف ڪارروائي وارن عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ بعد فريادڻ سليم اختر خاتون ھاءِ ڪورٽ ميرپورخاص ۾ درخواست داخل ڪئي، جنھن تي عدالت سڳوري لاڳاپيل عملدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے