welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شگر ايڊوائزري بورڊ ۽ شگر ملز کنڊ بحران جا ذميوار قرار: غلط تفصيل ڏنا ويا: ڪميشن

اسلام آباد:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع) ڪمپيٽيشن ڪميشن ناڻي وزير کي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شگر سيڪٽر حڪومت کي کنڊ جي پيداوار بابت غلط انگ اکر فراهم ڪيا ۽ حڪومت ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني ڇڏي، جنهن سبب بحران پيدا ٿيو. ناڻي وزير محمد اورنگزيب ڪمپيٽيشن ڪميشن کان شگر سيڪٽر جي مسئلن بابت بريفنگ ورتي. ڪمپيٽيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير سنڌو کنڊ ڪارٽل خلاف ڪميشن جي قدمن بابت آگاهه ڪيو ته ايڪسپورٽ جي ڪري ملڪ ۾ کنڊ جو اسٽاڪ ضرورت کان گهٽ ٿي ويو. شگر ايڊوائزري بورڊ گذريل سال جون کان آڪٽوبر تائين ڪمند جي پيداوار، موجود اسٽاڪ ۽ کنڊ جي پيداوار بابت حڪومت کي جيڪي انگ اکر ڏنا، اهي درست نه هئا. ڪمپيٽيشن ڪميشن ٻڌايو ته غلط انگن اکرن جي بنياد تي حڪومت ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني، جنهن سبب اسٽاڪ گهٽجي ويا. فيصلو ڪرڻ لاءِ شگر ملز ايسوسيئيشن جي ڊيٽا تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي، پر آزاد ۽ شفاف ڊيٽا حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪمپٽيشن ڪميشن شوگر سيڪٽر ريفارم ڪاميٽي جي مدد لاءِ تجويزون تيار ڪري رهي آهي. ناڻي وزير کي 2008-09، 2015-16 ۽ 2019-20ع جي کنڊ بحران جي سببن بابت به بريفنگ ڏني وئي. ڪمپيٽيشن ڪميشن ٻڌايو ته ماضي جي سڀني کنڊ بحرانن ۾ به ايڪسپورٽ ڪري سپلاءِ محدود ڪئي وئي. شگر سيڪٽر ڪارٽل خلاف 2010ع ۽ 2021ع ۾ حڪم جاري ڪيا ويا. 2009-10ع جي شگر انڪوائري ۾ ڪارٽيلائزيشن جا واضع ثبوت مليا هئا، پر 2010ع جو فيصلو اڄ تائين منظر عام تي ناهي آندو ويو. ڪمپيٽيشن ڪميشن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ 2021ع تائين اسٽي ڏنل آهي، هاڻي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. ڪمپٽيشن ڪميشن ناڻي وزير کي شگر ڪارٽل جي ٻيهر ٻڌڻي تي ڪميشن کي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو. ناڻي وزير چيو ته حڪومت عدالتن ۾ زير التوا ڪيسن جي جلد ٻڌڻي لاءِ ڪمپيٽيشن ڪميشن جي معاونت ڪندي، ڪمپيٽيشن ڪميشن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، شگر سيڪٽر کي مڪمل طور ڊي ريگوليٽ ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ ڪميشن جو ڪردار وڌي ويندو. جاچ ۾ معاونت لاءِ ٻين ادارن کان ڊيٽا جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ ڪميشن جي رجسٽرار شهزاد حسين، قانوني صلاحڪار حافظ نعيم، ڊائريڪٽر ڪارٽل سلمان ظفر، ناڻي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے