ڪراچي:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)ايم ڪيو ايم پاڪستان ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام واري تجويز جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ ۽ عالمي تنظيمي ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج زاهد ملڪ نون صوبن جي قيام جي تجويز جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته انتظامي بنيادن تي ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ سان عوام جا مسئلا حل ٿيندا.
هن چيو ته نون صوبن جي قيام سان عوام ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست يقيني ٿيندي ۽ انهي سان گڏ وگڏ گڊ گورننس سان عوام جي شڪايت جو خاتمو ٿيندو. زاهد ملڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ملڪ مان هٿ ٺوڪيل نظام کي جڙ کان ڪڍي اڇلڻ جو وقت اچي ويو آهي. نوان صوبا ۽ انهن ۾ نئين انتظامي نظام پاڪستان جي ضرورت آهي.
زاهد ملڪ چيو ته هلندڙ ٻوڏ سميت عوام کي پيش ايندڙ مسئلن کي ڏسندي نون صوبن جي جوڙجڪ تمام گهڻو ضروري آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language