ڪراچي:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)ڪراچي جي ڊفينس فيز 6 علائقي ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان سيده عقربه فاطمه ۽ ايس ايس پي توحيد ميمڻ جي گهر ۾ چوري ٿي آهي.
پوليس اختيارين موجب، واقعي وقت گهر جا ماڻهو گهر ۾ موجود نه هئا ۽ جاچ جاري آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب گهر جا ملازم چوري ۾ ملوث نظر اچن ٿا.
سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڏکڻ کي هدايت ڪئي آهي ته هو فوري طور تي پوليس ڪارروائي کان آگاهه ڪري ۽ ڦر جي جاچ ۽ اڳڀرائي کان آگاهه ڪري.
0 تبصرے
Do not use vulgar language