
:(آچر 10 آگسٽ 2025ع)فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ سخت قانون تيار ڪري ورتا جڏهن ته سيلز ٽيڪس، رجسٽرڊ ماڻهن جي لاءِ ايف بي آر ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم سان جڙڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
دستاويز موجب بزنس پوائنٽ جي نگراني لاءِ سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳايا ويندا، ڊيبٽ، ڪريڊٽ ڪارڊ مشين، ڪيو آر ڪوڊ، ڊيجيٽل ادائيگين کي ايف بي آر سان لنڪ ڪرڻو پوندو. شين جي آن لائن وڪرو جي لاءِ ويب سائٽ، سافٽ ويئر، موبائيل ايپلي ڪيشن به لنڪ هوندي.
انٽيگريٽيڊ شخص ٽيڪس آفيسر کي ڪاروباري احاطي، رڪارڊ تائين پهچڻ ڏيڻ جو پابند هوندو. اليڪٽرانڪ سسٽم سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙ کي ڏنڊ ۽ پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو. انٽرنيٽ يا بجلي جي بندش جي صورت ۾ انوائسز 24 ڪلاڪن جي اندر اپ لوڊ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
ايف بي آر دستاويز موجب ٽيڪس چوري کي روڪڻ لاءِ انفورسمينٽ نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويندو. ڪيو آر ڪوڊ يا ايف بي آر نمبر کان سواءِ انوائسز جاري ڪرڻ تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
سيلز ٽيڪس انوائس ڊيجيٽل دستخط، ڪيو آر ڪوڊ، ايف بي آر جي منفرد نمبر تي ٻڌل هوندي. روزاني، هفتيوار ۽ هر مهيني جي آخر ۾ اليڪٽرانڪ انوائسز جو رڪارڊ جوڙڻو پوندو. ڊيجيٽل انوائسز يا آن لائن وڪرو جي انوائسز جو ڊيٽا 6 سالن تائين محفوظ رکڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language