welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملڪ جي اهم وزارتن ۽ کاتن تي سائبر حملن جو خطرو، الرٽ جاري

اسلام آباد:(آچر 10 آگسٽ 2025ع)پاڪستان جون اهم وزارتون ۽ کاتا سائبر حملن هيٺ اچڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. ڊيٽا جو مستقل نقصان، ڪاروباري نظام جام ٿيڻ ۽ حساس ڄاڻ ليڪ ٿيڻ جي خطري کي آڏو رکندي 39 وزارتن ۽ اهم ادارن کي هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم(سرٽ) بلو اڪر ريسٽم ويٽر مان پاڪستاني ادارن کي نشانو بنائڻ بابت ايڊوائزري به اماڻي آهي. ايڊوائزري موجب حملي جي نتيجي ۾ مستقل ڊيٽا نقصان، ڪاروباري سرگرمين ۾ تعطل ۽ حساس ڄاڻ ليڪ ٿي سگهي ٿي. انهي سلسلي ۾ نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، اليڪشن ڪميشن ۽ قومي اسيمبلي کي به خط اماڻيو ويو آهي. اين آءِ ٽي بي، پيمرا، اين ڊي ايم اي، اوگرا ۽ ايف بي آر کي به خبردار ڪيو ويو آهي. نيشنل سرٽ هدايت ڪئي آهي ته ايڊوائزري سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن تائين پهچائي وڃي، بليو لاڪر سائبر حملي جي شدت انتهائي سنگين آهي، ونڊوز تي ٻڌل ڊيسڪ ٽاپ، ليپ ٽاپ، سروز، نيٽ ورڪ ۽ ڪلائوڊ اسٽوريج حملن جو نشانو بڻجي رهيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے