
شاھپور چاڪر:(آچر 10 آگسٽ 2025ع)ڳوٺ ٻيڙو ملان ڪيريو ۾ مبينا طور تي ڪيريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ رستي جي پلاٽ جي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، اوطاق تي ويٺل پيءُ پٽن تي انڌا ڌنڌ فائرنگ 40 سالن جو محمد عيسيٰ ڪيريو ٿڏي تي مارجي ويو، سندس پٽ 17ورهين جو عمران ڪيريو ۽ 30 سالن جو حبيب الله ڪيريو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي رويل هيلٿ سينٽر شاهپورچاڪر منتقل ڪيو، جتي طبي امداد ڏيڻ بعد کين نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، جتي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيل نوجوان عمران ڪيريو دم ڏنو، جڏهن ته ٻيو زخمي حبيب الله ڪيريو جو علاج هلندڙ آهي، ٻئي پاسي مارجي ويلن جي وارث عبيدالله ڪيريو ميڊيا کي ٻڌايو ته محمد عيسيٰ ڪيريو سندس پٽ عمران ڪيريو ۽ حبيب الله ڪيريو اوطاق تي ويٺا هئا ته ڪيريا برادري جي پنڌرهن کان ويھه هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ محمد عيسي ڪيريو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس پٽ عمران ڪيريو ۽ حبيب الله ڪيريو کي نوابشاهه نيو ويو آهي، آخري اطاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي، واضح رهي ته رستي جي لنگھه واري پلاٽ ۾ شروعات ۾ هڪ ڌر جو محمد اسماعيل ڪيريو پهريائين قتل ٿيو، جنهن جي پلاند ۾ ارباب علي ڪيريو مارجي ويو هيو، ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي تي ڪافي ڀيرا جهڙپون پڻ ٿيون، ڪيسن پڻ داخل ڪرايل آهن. جهيڙي سبب سڄي ڳوٺ ۾ مورچا اڏيل آهن، نوجوان ڳوٺ ڇڏي روپوش ٿي ٿي ويا، جڏهن تي اڌ ڳوٺ جا گهر خالي پيل آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language