
راڄو خاناڻي:(آچر 10 آگسٽ 2025ع)راڄي خاناڻي ۾ بدفعلي جو شڪار نينگر جي وارثن احتجاج ڪيو. راڄوخاناڻي ۾ 22 ڏينهن اڳ 8 ورهين جي نينگر اظهر علي پٽ عبدالعزيز خاصخيلي سان ٻن جوابدارن علي رضا خاصخيلي ۽ سنتوش ميگهواڙ عرف فوجي پاران مبينا طور تشدد بعد بدفعي ڪرڻ ۽ جوابدار ڌر پاران معصوم نينگر جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڏمڪيون ڏيڻ خلاف وارثن، شهرين ۽ مختلف تنظيمن واپاري ايسوسيئيشن، علماء ايڪشن ڪاميٽي، ايس ٽي پي، جسقم آريسر گروپ، نوجوان اتحاد، عوامي تحريڪ، مزدور اتحاد سميت شهر جي سمورن سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين ۽ معصوم ٻارن احتجاجي مظاهرو ڪيو. تلهار ماتلي ويندڙ مين روڊ تي احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن مير عاشق ٽالپر، حافظ آفتاب عالم جوڳي، اعجاز ڪشميري، بابر صديق نظاماڻي، عبدالصمد نظاماڻي، ابوبڪر طاهر، غلام محمد ٽالپر، محمود خاصخيلي، سفير نظاماڻي، ھريرام ڪولھي، منظر نين جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته معصوم سان زيادتي ڪندڙ ھڪ جوابدار علي رضا خاصخيلي کي پوليس 22 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جڏهن ته جوابدار ڌر اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، هنن چيو ته گذريل ڏينهن جوابدار ضمانت لاءِ سيشن ڪورٽ بدين ۾ درخواست ڏني جيڪا عدالت سڳوري رد ڪري ڇڏي، ان باوجود پوليس کيس گرفتار ڪرڻ بجاء جوابدار کي ڪورٽ مان ڀڄائڻ ۾ مدد ڪندي کيس ڀڄائي ڇڏيو، هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار علي رضا خاصخيلي کي گرفتار ڪري معصوم سان انصاف ڪيو وڃي، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جوابدار گرفتار نه ٿيو ته ايس پي آفيس بدين اڳيان احتجاجن مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪري سخت کان سخت احتجاج ڪيو ويندو. واضح رهي ته ھڪ جوابدار سنتوش ميگهواڙ عرف فوجي ميگھواڙ کي پوليس پھرئين ڏينھن گرفتار ڪري ورتو ھو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language