
جيڪب آباد:(آچر 10 آگسٽ 2025ع)جيڪب آباد ۾ سيپڪو اختيارين جي نااهلي، مک روڊ تي 11 هزار وولٽيج جي لٽڪيل تار مان نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، وارثن طرفان لاش رکي ڌرڻو، سول لائن ٿاڻي جي حد ڪوئيٽا روڊ تي قائم بيڪري جي ٻاهران لٽڪيل 11 هزار ڪي وي تار ۾ وچڙڻ سبب نوجوان اسد بنگلاڻي کي ڪرنٽ لڳو، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ته ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي اطلاع تي سندس وارث به پهتا ته روڄ راڙو مچي ويو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن سول سول اسپتال روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي فوتي نوجوان جي پيءُ حاجي طفيل بنگلاڻي چيو ته سيپڪو جي نااهلي سبب منهنجو ڳڀرو نوجوان فوت ٿيو آهي، منهنجو ٻچڙو ڪير موٽائي ڏيندو واپڊا وارا ايئر ڪنڊيشن ۾ ستا پيا هوندا آهن اهڙي ظلم جو نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪيو وڃي، رحمت الله کوسو چيو ته بيڪري جي سامهون ٽي ڪلاڪ اڳ تار ڪري پئي، اطلاع باوجود سيپڪو عملدار نه پهتا سيپڪو اختيارين جي انتها جي نااهلي سامهون آئي آهي، سيپڪو چيف ۽ چونڊيل نمائندن کي کي واضح ٿا ڪريون ته نوجوان جي موت جا ذميوار سيپڪو اختياريون آهن، انهن جي نااهلي سبب نوجوان جي حياتيءَ کسجي وئي آهي، ايڪسئين سيپڪو ايس ڊي او ۽ لائن سپريٽنڊنٽ خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.
نوجوان اسد سعودي ۾ ڪمائيندو هو، بيڪري تي خريداري لاءِ آيو ۽ ڪرنٽ ۾ فوت ٿي ويو
جيڪب آباد: بجلي جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿيل نوجوان اسد بنگلاڻي سعودي عرب جي شهر مديني ۾ ڪمائيندو هوندو هو، جنهن جو واپس وڃڻ جو چار ڏينهن کانپوءِ اربع جي ڏينهن تي ٽڪيٽ بڪ ٿيل هئي، نوجوان ڳوٺ کان بيڪري تي خريداري لاءِ آيو ته تار ۾ وچڙي فوت ٿي ويو آهي.
نوجوان کي ڪرنٽ لڳڻ سبب بروقت اسپتال آندو پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو: وارث
جيڪب آباد: سول اسپتال عملي بروقت نوجوان اسد بنگلاڻي کي بچائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا، ڊاڪٽر نوجوان جي پهچڻ کان پوءِ نوجوان جي موت جو ٻڌائي خاموشي اختيار ڪئي، جڏهن ته وارث بار بار ڊاڪٽرن کي چوندا رهيا ته نوجوان جا پلس هلي رهيا آهن، اوھان ڪوشش ڪيو ته نوجوان جي حياتيءَ بچي سگهي ٿي پر ڪنهن به نه ٻڌي نه ئي نوجوان سي پي آر ڪئي وئي آهي، فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته سول اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند آهي نوجوان کي ڪرنٽ لڳڻ سبب بروقت ان کي اسپتال پهچايو ويو پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو آهي
سيپڪو اختيارين پنهنجي لاپرواهي فوتي نوجوان مٿان مڙهي ڇڏي !
جيڪب آباد: سيپڪو اختيارين پنهنجي لاپرواهي فوتي نوجوان مٿان مڙهي ڇڏي، ان حوالي سان لائن سپريٽنڊنٽ جبار بگٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته تار 15 منٽ پهريان ڪري پئي، جنهن جو اطلاع مليو، پر گرڊ اسٽيشن وارن ٻيهر ٽرائي لاءِ بجلي هلائي هئي، نوجوان اسد بنگلاڻي تار کي هيٺ ڪريل ڏسي ان باوجود خيال نه ڪيو، ان لاپرواھي ڏيکاري آهي، جنهن سبب اهڙو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.
2 هفتن ۾ 11 هزار وولٽيج تارن ۾ وچڙي 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا
جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ ٻن هفتن دوران 11 هزار ڪي وي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، ٺل جي هندو محلا ۾ 11 هزار ڪي وي تار واپاري جي گهر تي ڪري پئي هئي جنهن ۾ واپاري اشوڪ ڪمار ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو سندس پٽ نتيش ڪمار سڙي مرڻينگ ٿي پيو هو، جڏهن ته جيڪب آباد جي ڳڙهي سٻايو ۾ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 ورهين جو نينگر امداد سرڪي به فوت ٿيو هو، ڪوئيٽا روڊ تي 11 هزار ڪي وي جو تار ڪرڻ سبب نوجوان اسد بنگلاڻي فوت ٿي ويو
0 تبصرے
Do not use vulgar language