welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نوشهرو فيروز: زيادتي بعد قتل نينگر جا جوابدار آجا، ٻارن ۾ خوف

نوشھرو فيروز:(آچر 10 آگسٽ 2025ع)ڳوٺ طالب سولنگي جي رھواسي بي درديءَ سان جنسي زيادتي بعد ڳڀا ڳڀا ڪري قتل ڪيل نينگر خميسو وڳڻ جي قتل ۾ ملوث وڌيڪ جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا آھن. جوابدار عثمان کي پوليس سوگھو نه ڪري سگھي نه ئي وري پوليس کي جوابدار نامعلوم جي ڄاڻ ملي سگھي آھي، جنھن ڪري وحشي درندا آزاد ھجڻ ڪري شھرين ۾ ڳڻتي جي لھر ڇانيل آهي. نينگر جي بي رحماڻي قتل سبب علائقي ۾ سوڳ جي لھر برقرار آھي. وڏي انگ ۾ ماڻھو نينگر جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظھار ڪرڻ لاءِ پھچي رھيا آھن. پر ڪوبه چونڊيل نمائندو ايم اين اي، ايم پي اي سميت چيئرمين ۽ ٻيا نينگر جي وارثن کي آٿت ڏيڻ نه پھتا آھن. ان سلسلي ۾ نينگر جي والد عبدالغفار وڳڻ جو چوڻ آھي ته منھنجو پٽ وڃڻو ھو سو ويو، پر قاتل گرفتار نه ٿيڻ وري ڪنھن ٻئي جي ٻچڙي سان اھڙي واردات نه ٿي وڃي. ان ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ھوڏانھن ايس ايچ او نوشهروفيروز جو چوڻ آھي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نيٽ ورڪ تيار ڪيو آھي ۽ جلد باقي جوابدار به ڪيفر ڪردار تائين پھچندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے