
تل ابيب:(آچر 10 آگسٽ 2025ع)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو طرفان غزه تي فوجي قبضي جي تجويز جي سيڪيورٽي ڪابينه کان منظوري کان پوءِ اسرائيلي ناڻي واري وزير حڪومت ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي ناڻي واري وزير بذليل اسموٽرچ غزه ۾ جنگ جي نيتن ياهو جي منصوبن تي حڪومت ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. اسرائيلي ڪان پبلڪ براڊ ڪاسٽر موجب اسرائيلي ناڻي واري وزير جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ نئين چونڊن جي ڌمڪي ڏني آهي. ناڻي واري وزير بذليل اسموٽرچ خميس تي سيڪيورٽي ڪابينه جي اجلاس ۾ اها ڌمڪي ڏني.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي ناڻي واري وزير چيو ته منهنجي نقطه نظر کان اسان سڀ ڪجهه روڪي ماڻهن کي فيصلي جو اختيار ڏئي سگهون ٿا. اسرائيلي ناڻي واري وزير بذليل اسموٽرچ چيو ته مون کي يقين نه آهي ته وزيراعظم اسرائيلي فوج کي فيصلي جي فتح طرف وٺي وڃي سگهي ٿو. ائين لڳي ٿو ته نيتن ياهو اسرائيلي فوج کي فيصله ڪن فتح طرف وٺي ئي نٿو وڃڻ چاهي.
ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ اسرائيلي ڪابينه وزيراعظم نيتن ياهو جي غزه تي فوجي ڪنٽرول جي تجويز جي منظوري ڏني هئي. گذريل ڏينهن بنيامين نيتن ياهو پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته فوجي ڪارروائي جو مقصد غزه تي قبضو ڪرڻ نه پر غزه کي حماس جي ڪنٽرول مان آزاد ڪرائڻ آهي. نيتن ياهو چيو ته غزه ۾ سول انتظامي حڪومت قائم ڪئي ويندي. جنهن ۾ حماس ۽ فلسطيني اٿارٽي جي ڪابه گنجائش نه هوندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language