welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ورڪشاپ ويجهو گهر تي حملو، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي، هڪ جوابدار سوگهو

ورڪشاپ:(خميس 07 آگسٽ 2025ع)ورڪشاپ ڀرسان ڳوٺ غلام نبي شر مٿان صبح سوير فائرنگ ڪري فرار ٿيندڙ ٻن هٿياربندن جو ڳوٺاڻن پويان پيڇو ڪيو ته هٿياربندن قيوم آباد اسٽاپ لڳ ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويا جنهن تي وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن ۽ ڪمند فصل کي گهيري ورتو حد جي پوليس سستي جو مظاهرو ڪندي ٻه ڪلاڪ دير سان پهتي جنهن تي ڳوٺاڻن بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڪمند جي فصل مان هٿياربندن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا سڌي فائرنگ ڪئي نتيجي ۾ فوجي موڙ واسي مولا بخش شر موقعي تي قتل ٿي ويو ٻيو نوجوان گبول شر، زخمي ٿي پيو فوتي جو مڙهه سول اسپتال سانگهڙ نيو ويو، جتي سندس وارثن لاش رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جن انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته هٿياربندن جي سهولت ڪاري ڪندڙن کي ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو وڃي، جنهن تي پيپلز پارٽي اڳواڻ اعجاز زرداري ۽ ذوالفقار چانڊيو ايس ايچ او سانگهڙ، ايس ايچ او منگلي، ڊي ايس پي سانگهڙ مظاهري کي خاطري ڪرائي جنهن بعد لاش وارث کڻائي فوتي جي اباڻي ڳوٺ پهتا، جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي، ٻئي پاسي علائقي ۾ اهي چوٻول هلندڙ آهن ته جوابدار علي حسن ڪافي وقت کان علائقي ۾ شاھ سڏائي رهيو هو پر اصل ذات جو چانڊيو ٻڌايو پيو وڃي، جنهن کي ڪجهه وقت اڳ نوابشاهه پوليس قتل جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، هو ڪافي وقت جيل ۾ رهڻ بعد ڪجهه ڏينهن اڳ آزاد ٿيو هو ۽ کيس شڪ هو ته غلام نبي شر پوليس جي سهولت ڪاري ڪندي کيس گرفتار ڪرايو هو، ان تيش ۾ اچي اڄ غلام نبي شر جي گهر مٿان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڳوٺاڻن همٿ ڪري کيس ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، جنهن ڪري هو نارا ڪئنال بند سان موٽر سائيڪل تي هڪ ساٿي سان فرار ٿيو ته نارا ڪئنال تي ڪرنل پل وٽ پوليس چوڪي تي مقرر اهلڪارن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان پوليس اهلڪارن مٿان سڌي فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اڳيان وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا گس جهلي بيٺل هئا جن کي ڏسي هو قيوم آباد اسٽاپ لڳ ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويو، جتي ڳوٺاڻن ڪمند کي گهيري ورتو ۽ جوابدارن کي پڪڙن جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار علي حسن ۽ سندس ساٿي ڳوٺاڻن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مولا بخش شر، موقعي مارجي جڏهن ته ٻيو نوجوان گبول شر زخمي ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڳوٺاڻن همت ڪري هڪ جوابدار علي حسن کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو، منگلي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جنهن وقت مولا بخش شر جا وارث ايندا ته سندن مرض مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے