
لاڙڪاڻو:(خميس 07 آگسٽ 2025ع)لاڙڪاڻولاڙڪاڻي ڀرسان مامن ۽ ڀاڻيجن وچ ۾ زرعي زمين جي مالڪيءَ تان هلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ جهيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 35 ورهين جو نوجوان ٿڏي تي قتل، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ڌريون مورچابند ٿي ويون، لاڙڪاڻي ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد گهاڙي شاخ واري علائقي ۾ زرعي زمين جي مالڪيءَ جي تڪرار تان تان مامن ۽ ڀاڻيجن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 35 ورهين جو ابراهيم مغيري ٿڏي تي قتل ۽ امجد مغيري سخت زخمي ٿي پيو، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي ڊاڪٽرن زخمي کي طبي امداد ڏني ڊي ايس پي صدر ۽ سول لائين سعد جبار ٽراما سينٽر پهچي مقتول جي وارثن ۽ زخمي جا بيان قلمبند ڪري کين انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي چاچي نظام الدين مغيري ٻڌايو ته منهنجي ڀائيٽن جو پنهنجي مامن سان زميني تڪرار هلندڙ آهي جنهن معاملي تان ڀائيٽن ڪجهه ڏينهن اڳ حد جي تعلقي ٿاڻي تي اهڙي اين سي به داخل ڪرائي پر پوليس بااثرن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي. هن الزام لڳايو ته پوليس چڙهائي ڪئي جنهن دوران پوليس ۽ اسان مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڀائيٽي ابراهيم مغيري کي قتل ۽ امجد مغيري کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن جيڪو ظلم آهي هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان تعلقي ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مامن ۽ ڀاڻيجن وچ ۾ 9 جريب زرعي زمين جي مالڪيءَ تان تڪرار هلندڙ آهي جنهن معاملي تان اهڙو واقعو پيش آيو آهي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جلد واقعي ۾ ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويندو پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪجھ گرفتاريون ڪيون ويون آهن ٻئي پاسي اهڙي واقعي کان پوءِ ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي ۽ ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن جنهن سان وڌيڪ رتوڇاڻ جو پڻ خدشو وڌي ويو آهي. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آخري اطلائن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي،پوليس ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب جهيڙي جو مک جوابدار غلام حسين مغيري کي گرفتار ڪيو ويو آهي
0 تبصرے
Do not use vulgar language