
بخشاپور:(خميس 07 آگسٽ 2025ع)بخشاپور بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻڍو بنگوار ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو،فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان ممتاز بنگوار سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابدار ٻن نوجوان عورتن کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو،اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي نوجوان کي ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو، جتان نوجوان ممتاز بنگوار جي حالت نازڪ هجڻ سبب سکر ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ٻنهي عورتن جا لاش بخشاپور جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي جي سهولت نه هجڻ ڪري تعلقا اسپتال منتقل ڪيا، ذريعن موجب بنگوار برادري جي حضورواڻي پاڙي جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي چوري معاملي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن معاملي تان ڪيترائي ڀيرا ٺاھ لاءِ ميڙ منٿ به وئي پر ڌرين ۾ ٺاهه نه ٿي سگهيو، ٻي طرف پوليس موجب بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو چوري معاملي تان تڪرار هلندڙ هيو، جوابدار گُل خان بنگوار ساٿين سان گڏجي ڇڻڪو لڳ فائرنگ ڪري نوجوان ممتاز پُٽ ڀورو بنگوار کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد واقعي کي ڪارنهن الزام جو رنگ ڏيڻ خاطر پنهنجي ڳوٺ ۾ گهر اندر ڪم ڪندڙ ٻن نوجوان ننهن 23 ورهين جي مسمات رحيمان خاتون ڌيءُ جعفر بنگوار ۽ 25 ورهين جي مسمات ريشمان ڌيءُ ڀورو بنگوار کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد گهر خالي ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويو آهي.ٻنهي مقتول عورتن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد والدين جي حوالي ڪيا ويا آهن.فريادي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language