ڪراچي: (خميس: 07 آگسٽ 2025ع) (ايف آءِ اي) پاران ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي سنگين ڏوهن ۾ ملوث هڪ ڏوهاري جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي
ايف آءِ اي جي موجب، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مقرر اميگريشن اسٽاف ڪارروائي ڪندي هڪ اهڙي ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو اغوا ۽ قتل جي ڪيسن ۾ گهربل هو.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ڏوهاري انيق خان جو تعلق ڪوٽلي، آزاد ڪشمير سان آهي، جيڪو ڪراچي ايئرپورٽ تان قطر فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر سندس نالو اڳ ۾ ئي اسٽاپ لسٽ ۾ شامل هو.
ڏوهاري خلاف اغوا ۽ قتل جو ڪيس گذريل مهيني داخل ٿيو هو. (ايف آءِ اي) اميگريشن عملدارن کيس گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪشمير پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language