اسلام آباد:(جمعو 29 آگسٽ 2025ع)ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب اڄ ٿيندڙ قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.
وفاقي وزارت خزاني موجب، اين ايف سي جو اجلاس تازي ٻوڏ جي صورتحال سبب ملتوي ڪيو ويو آهي.
وزارت خزاني چيو ته سنڌ حڪومت موجوده ٻوڏ جي صورتحال سبب اجلاس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
ياد رهي ته 11 هون قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس اڄ ناڻي وزارت ۾ ٿيڻو هو ته جيئن مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ ورهايل مالي وسيلن جي ورڇ جو فارمولو طئي ڪري سگهجي.
وزارت خزاني جي ذريعن موجب، هاڻي تائين 10 اين ايف سي ڪميشن ٺهي چڪا آهن، جن مان صرف 4 ڪامياب ٿيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language