ڪراچي:(جمعو 29 آگسٽ 2025ع)اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن بابت نوان انگ اکر جاري ڪيا آهن.
اسٽيٽ بينڪ موجب، 22 آگسٽ تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 18 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب، 22 آگسٽ تائين ڪل ذخيرا 19,617.8 ملين ڊالر هئا.
اسٽيٽ بينڪ جا پنهنجا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 14,274.3 ملين ڊالر تائين وڌي ويا آهن.
ٻئي طرف، ڪمرشل بينڪن جا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 5,343.5 ملين ڊالر هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language