بونير:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)بونير ۾ ڪار کاهي ۾ ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽ ٻار سميت پنج ماڻهو فوت ٿي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب، افسوسناڪ واقعو بونير جي علائقي گوڪند غور دره ۾ پيش آيو جتي ڪار کاهي ۾ ڪري پئي.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ هڪ عورت ۽ ٻار سميت پنج ماڻهو شامل آهن، جڏهن ته حادثي ۾ ڇهه ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي فوري طبي امداد لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language