سيوھڻ:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)لڪي شاهه صدر ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 2 عورتون به شامل آهن، زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو ويو.
زخمين ۾ جاني گائنچو، شاهد گائنچو، پپو گائنچو، عائشا بختاور ۽ زينب گائنچو شامل آهن.
مقامي ماڻهن موجب ڪار تيز رفتاري سبب ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري وئي.
مسافرن جو چوڻ آهي ته موٽر وي پوليس هر هنڌ موجود هجڻ باوجود رفتار تي ڪنٽرول نٿي ڪري، جنهن سبب حادثا وڌي رهيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language