welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

يمن جي راڄڌاني صنعا تي اسرائيل جي هوائي حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 67 زخمي ٿي پيا

صنعا:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)يمن جي گادي واري هنڌ صنعا تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا ۽ 67 زخمي ٿيا. هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، درجنين اسرائيلي جنگي جهازن صنعا ۾ صدارتي ڪمپليڪس جي ويجهو هڪ ميزائل ۽ ايندھن جي گودام ۽ پاور اسٽيشن تي بمباري ڪئي. حوثي وزارت صحت تصديق ڪئي ته اسرائيلي حملي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا ۽ 67 زخمي ٿيا. اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو ته هن صنعا ۾ هڪ فوجي ڪمپائونڊ کي نشانو بڻايو جنهن ۾ صدارتي محل، 2 پاور پلانٽ ۽ هڪ ايندھن جو ڊپو واقع آهي. اسرائيلي فوج موجب، اهي حملا اسرائيل ۽ ان جي شهرين تي حوثي باغين جي بار بار حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ، يمن کان اسرائيل تي هڪ ميزائل حملو ڪيو ويو هو، جنهن کي اسرائيل ناڪام قرار ڏيڻ جو دعويٰ ڪيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے