:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)پاڪستان ريلوي ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ۾ تيز رفتار بلٽ ٽرين هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ريڊيو پاڪستان هڪ رپورٽ ۾ ريلوي وزير حنيف عباسي جي حوالي سان چيو آهي ته پاڪستان ريلوي 2030 تائين ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ۾ تيز رفتار بلٽ ٽرين هلائڻ جو ارادو رکي ٿو.
رپورٽ موجب، حنيف عباسي چيو ته 1,215 ڪلوميٽر ڊگهي تيز رفتار ريل لائن ڪراچي-پشاور مين لائن ون (ML-1) جو حصو هوندي، جنهن کي CPEC منصوبي تحت 6.8 بلين ڊالر جي لاڳت سان اپ گريڊ ڪيو ويندو.،
ريڊيو پاڪستان موجب، ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ۾ هلندڙ هي ٽرين 250 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندي، جڏهن ته ٽرين جا اسٽاپ حيدرآباد، ملتان ۽ ساهيوال ۾ هوندا.
رپورٽ موجب، هي منصوبو چين جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو، جنهن ۾ چائنا ريلوي ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن شامل هوندي، جڏهن ته اهو منصوبو ريلوي جي ڊبل ٽريڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ، نوان پل ٺاهڻ ۽ جديد سگنل سسٽم نصب ڪرڻ جو ڪم ڪندو.
ياد رهي ته اڳ ۾ اها خبر پئي هئي ته ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) ڪراچي کان روهڙي تائين ريلوي لائين جي اپ گريڊيشن لاءِ 2 ارب ڊالر جي فنانسنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language