welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاڙڪاڻو بورڊ طرفان ٻارهين جماعت جا نتيجا پڌرا: 34702 اميدوار پاس: شاگردياڻين کي سرسي

لاڙڪاڻو:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن، تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي سالياني امتحانن ۾ لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه سان واسطو رکندڙ 43299 اميدوارن حصو ورتو جن مان 34702 اميدوار پاس ۽ 8835 اميدوار فيل ٿيا. اهڙي طرح پري ميڊيڪل ۾ پاس شاگردن جو تناسب 80.21 سيڪڙو ۽ پري انجنيئرنگ ۾ پاس شاگردن جو تناسب 78.11 سيڪڙو رهيو. جاري ڪيل نتيجن موجب ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل گروپ جي شاگردن ۾ زيبسٽ اسڪول اينڊ ڪاليج جي شاگرد علي ڪلهوڙو 1018 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگرد علي رضا لاشاري 1016 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن ۽ ساڳي ئي ڪاليج جي شاگرد عبدالمعيد 1015 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. شاگردياڻين ۾ شهيد بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي فاطمه علي ڪناسرو 1019 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ گرلس ڪاليج قمبر جي شاگردياڻي صدره نور رند 1018 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن، گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردياڻي اقرا موريو ۽ بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردياڻي اڪليمان شهاب مڱڻ 1016 مارڪون کڻي گڏيل طور ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. پري انجنيئرنگ گروپ جي شاگردن ۾ دي سٽي اسڪول لاڙڪاڻي جي شاگرد محمد شاويز شيخ 1012 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگرد ابرار الحسن چانڊيو 1010 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن ۽ ساڳي ئي ڪاليج جي عبدالڪريم منيب مڱريو 1008 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. شاگردياڻين ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردياڻي انشره فاطمه قريشي 1006 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ گرلس ڪاليج شڪارپور جي شاگردياڻي رباب انمول ميمڻ 1005 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن ۽ گورنمينٽ گرلس ڪي جي هائير سيڪندري اسڪول جيڪب آباد جي شاگردياڻي ثانيه 1004 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے