
پيرڳوٺ:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)پيرجوڳوٺ جي ڪلري محلا ۾ ڀاءُ عبدالواحد ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ڳورهاري عورت مسمات سويرا ڌيءَ الله ڏنو لاشاري کي گهر اندر پسٽل جا فائر ڪري انتهائي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته گوليون لڳڻ سبب ڪافي دير تائين سويرا لاشاري واقعي واري هنڌ تڙپندي رهي ۽ موجود ماڻهو ڏسندا رهيا جڏهن ته قتل واقعي جي اطلاع تي پيرجوڳوٺ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش کڻائي پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتولا عورت جي ماءُ مسمات زاهده لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ سويرا جي اڳ ۾ شادي ٿيل هئي ۽ مڙس کان هن 5 مهينا اڳ طلاق ورتي هئي جنھن بعد هوءَ پنهنجي ڀيڻيوي سان گڏ رهندي هئي، هن سان شادي ڪرڻ پئي چاهي ۽ ڀائرن کيس منع ڪيو پر هو پنهنجي ضد تي قائم هئي، اڄ کيس قتل ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف پيرجوڳوٺ پوليس جو چوڻ آهي مقولا جي قتل ۾ ڀاءُ ۽سوٽ ملوث هجڻ بابت معلومات ملي آهي، وڌيڪ ڄاڻ وٺي رهيا آهيون.هوڏانهن قتل ٿيل ناري سويرا جو ڪجهه ڏينهن اڳ رڪارڊ ڪيل وڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتو، جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته منهنجو پنهنجي ڀيڻيـوي سان ڪو به غلط تعلق ناهي، مون کي منهنجو ماسڙ وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو، منهنجي ماءُ به انهن سان گڏ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language