
سيوھڻ:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)سيوھڻ تعلقي جي جابلو سلسلي کيرٿر مان ٻن ڏينهن جي برسات بعد مختلف جابلو نئيون لھي آيون آهن ۽ جهانگارا روڊ تي زيرِ تعمير ٻن پلن جي ھلندڙ تعميراتي ڪم سبب جوڙيل متبادل رستو پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويو, برساتي جابلو نئيون وھي اچڻ جي نتيجي ۾ تعلقي سيوھڻ جي 2 يوسيز جھانگارا ۽ يوسي باجارا جو سيوھڻ, نئينگ ۽ ڪائي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي جڏهن ته يوسي جھانگارا جا ڪيترائي ڳوٺ برساتي پاڻي جي گھيري ۾ پڻ اچي ويا آهن, پاڻي جي گھيري ۾ آيل ڳوٺن ۾ ڳوٺ پير ببر شير، ملاح ڪالوني، پخالي ملاح اور ڳوٺ بگا شیر سمیت ٻيا ڳوٺ شامل آهن جنهن ڪري مقامي ڳوٺاڻا سخت پريشان ٿي ويا آهن ۽ گھرن تائين محدود بنجي ويا آهن. ٻئي طرف آوچتو جبل مان برساتي نئيون وھي اچڻ سبب جھانگارا ۽ ٻين علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ڪيتريون گاڏيون مختلف ھنڌن تي ڦاسي پيون جنهن ڪري رھواسي سخت ڏکيائين جو شڪار ٿي ويا آهن. اطلاع ملڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ وقاص ملوڪ پاران جھانگارا جي متاثر علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ھوڏانھن جابلو نئين جو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ داخل ٿيڻ رھيو آهي جنهن بعد منڇر جي سطح ۾ پڻ خوشگوار اضافو ٿي ويو آهي. جڏهن ته منڇر ڍنڍ ۾ برسات جو پاڻي داخل ٿيڻ تي منڇر جي ملاحن ۽ آبادگارن ۾ خوشيء جو اظھار ڪيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language