
نئون ڳوٺ/ راڌڻ / ميھڙ:(خميس 28 آگسٽ 2025ع)شاه پنجو سلطان ڀرسان راڌڻ ٿاڻي جي حد پراڻو پيچر بنگلي لڳ ڳوٺ محمد صالح بروھي ۾ سرڪاري زمين جي مالڪي ۽ رستو نه ڏيڻ تان ساھڙ ۽ بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران فائرنگ سبب ٻہ ڄڻا مارجي ويا مارجي ويلن ۾ 45 ورھين جو غلام مصطفي بروھي ۽ 25 ورھين جو عبدالمجيد بروھي شامل آھن مارجي ويل ٻنھي ڄڻن جا لاش ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيا اطلاع بعد راڌڻ ، شاه پنجو ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پوليس موبائيل ۾ کڻائي راڌڻ اسپتال پھچايو. پوسٽ مارٽم بعد وارث لاش پرائيوٽ گاڏين وسيلي ڳوٺ کڻائي ويا، ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي وارثن مقتول عبدالمجيد بروهي جي ڀاءُ امين بروھي، عبدالحميد۽ ٻين ٻڌايو ته ھي سرڪاري زمين آھي جنھن تي ڪيترين ئي برادرين جا 200 کان وڌيڪ گھر اڏي ماڻھو ويٺل آھن پر بااثر جوابدارن منظور ساھڙ ، علي حيدر ساھڙ ، طارق ، نويد ۽ ٻين زبردستي قبضو ڪرڻ لاء اسان جي گھرن تي حملو ڪيو آھي ھنن فائرنگ ڪري اسان جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن ھنن چيو ته جوابدار بااثر آھن پوليس کي پھريان به اطلاع ڏنو ھو پر پوليس ڪا داد فرياد ٻڌڻ لاء تيار نه آھي پوليس جي لاپرواھي ۽ غفلت سبب ھي واقعو پيش آيو آھي اگر پوليس جوابدارن خلاف بروقت ڪاروائي ڪري ھا ته ھي واقعو پيش نه اچي ھا ھنن چيو ته جوابدارن اسان جا ٻه ڪونڌر ماري ھليا ويا آھن پر پوليس ھنن خلاف ڪا ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آھي ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي
ايس ايس پي نوٽيس ورتو: ڊي ايس پي جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم قائم
ميهڙ: فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٻن ڄڻن غلام مصطفي بروھي ۽ عبدالمجيد بروھي واري واقعي جي خبر ٽائيم نيوز تي ھلڻ کان پوء ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي سختي سان نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ميھڙ معشوق ڪيريو جي سربراھي ۾ پوليس ٽيم جوڙي ڇڏي آھي ايس ايس پي دادو موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايس ايڇ او راڌڻ الله بچايو جي سربراهي ۾ پوليس موقعي واري ھنڌ پھتي ۽ صورتحال تي ڪنٽرول آندو ، فائرنگ مڪمل طور بند ڪرائي ڇڏي ۽ مارجي ويل ٻن ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن ايس ايس پي دادو موجب تہ قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس ڪاروائي تيز ڪري ڇڏي آھي ۽ علائقي ۾ پوليس چوڪي قائم ڪري ڇڏي آھي ته جئين وڌيڪ ناخوشگوار واقعي کي روڪي سگھجي، هوڏانهن ايس ايڇ او راڌڻ الله بچايو شوڪ موجب بروھي ۽ ساھڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سرڪاري زرعي زمين جي مالڪي تان ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي واقعي جي وڌيڪ جانچ ڪئي وڃي پئي ۽ وارثن جي مرضي مطابق ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي
ميهڙ ۾ 1122 سينٽر قائم هجڻ باوجود لاش پوليس موبائل ۾ نيا ويا
راڌڻ: تعلقي ميھڙ کي ريسڪيو 1122 جون مليل ايمبولينس گاڏين جو سينٽر پڻ راڌڻ ۾ قائم ٿيل آھي ان باوجود به فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٻن ڄڻن غلام مصطفي بروھي ۽ عبدالمجيد بروھي جا لاش اسپتال مان ايمبولينس نه ملڻ جي ڪري پوليس موبائيل ۾ کڻائي راڌڻ اسپتال آندا ويا
ٻنهي فوتين کي هڪ هڪ گولي لڳل هئي: ڊاڪٽر نياز قريشي
راڌڻ: راڌڻ اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر نياز احمد قريشي ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته ٻنھي فوتين کي ھڪ ھڪ گولي جو نشان نظر آيو آھي ھڪ کي ڪن ڀرسان گولي لڳل آھي ۽ ٻئي کي ڪياڻي ۾ گولي لڳل آھي جيڪي آر پار ٿيل آھن وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي ٻڌائي سگھبو
0 تبصرے
Do not use vulgar language