لاھور:(خميس 28 آگسٽ 2025ع)ڪوٽ رادها ڪشن ۾ 30 روپين جي تڪرار تي 2 ڀائرن کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار پنهنجن ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.
پنجاب پوليس جي ڪرائيم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) جي ذريعن موجب سي سي ڊي چوبنگ جي ٽيم گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي ڇاپي لاءِ انهن کي رائيونڊ کڻي وڻي ته انهي دوران گرفتار جوابدارن جي ساٿين انهن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
سي سي ڊي ذريعن موجب جوابدار جي ساٿي توقير ٻين ساٿين سان گڏ پوليس تي حملو ڪيو، جوابدارن جي فائرنگ ۾ گرفتار جوابدار اويس ۽ شهزاد مارجي ويا، جڏهن ته جوابدار توقير ساٿين سان گڏ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ موضع رتي پنڊي جي علائقي ۾ 2 ڀائرن 22 ورهين جي واجد ۽ 25 ورهين جي راشد جو ريڙهي تي فروٽ وڪرو ڪندڙ سان صرف 30 روپين تي جهيڙو ٿي پيو هو. ريڙهي واري تيمور ۽ اويس پنهنجي 5 نامعلوم ساٿين سان گڏجي ٻنهي ڀائرن کي ڏنڊن سان تشدد جو نشانو بنيو جنهن سبب 22 ورهين جو واجد موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 25 ورهين جو راشد علاج دوران فوت ٿي ويو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language