ٺري ميرواھ:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع)سيٺارجا ٿاڻي جي حد مھراڻ ھاء وي تي تيز رفتار مزدا جو بيٺل ويگو کي ٽڪر لڳڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.
سيٺارجا ٿاڻي جي حد مھراڻ ھاء وي تي ننگريجا ڀرسان بيٺل ويگو کي ٽڪر لڳڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي وِيا حادثي جي نتيجي ۾ سوئي گيس واسي 30 ورهين جو نوجوان زين العابدين ڀٽي ٿڏي تي ئي فوت ٿي وِيو جڏهن ته 65 ورهين جو پيرسن جان محمد مھر سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي علاج لاءِ سيٺارجا پوليس موبائيل ۾ گمبٽ کڻي وئي ﺟﺘﻲ هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻئي طرف سئي گيس واسي نوجوان زين العابدين ڀٽيءَ جي وارثن ٻُڌايو ته اسان جو نوجوان راڻيپور کان واپس اچي رهيو ته ويگو بيٺل ھئي جتي ويگو سوار ماڻهن کين مدد وٺڻ لاءِ بيهاريو ته ساڻن حادثو پيش آيو ٻئي طرف سيٺارجا پوليس ويگو کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ﮀڏيو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language