
حيدرآباد:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪوشش ڪنداسين ته بي ايل اي ۽ مجيد بريگيڊ تي گڏيل قومن کان به پابندي لڳرائي وڃي.
حيدرآباد ۾ خان بهادر حسن علي آفندي پارڪ جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرد تنظيمون نه صرف عوام کي نشانو بنائينديون آهن پر دشمن ملڪن جو به ساٿ ڏينديون آهن انهي لاءِ ڪوشش هوندي ته گڏيل قومن کان پابندي مڙهيل بلوچستان لبريشن آرمي(بي ايل اي) ۽ مجيد بريگيڊ تي پابندي لڳرائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا طرفان بي ايل اي ۽ مجيد بريگيڊ کي دهشتگرد قرار ڏيڻ پاڪستان جي موقف جي وڏي ڪاميابي آهي، ڇو ته اهي گروپ مزدورن ۽ معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ سان گڏ تازو پاڪستان ڀارت ڇڪتاڻ ۾ کلي مودي سرڪار جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان به ڪري چڪا آهن.
بلاول ڀٽو ڀارت کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته مودي حڪومت سنڌو درياءَ جو پاڻي روڪڻ جي اعلان کان نٿي مڙي پر سنڌ طاس معاهدي جي تحت ڀارت کي پاڪستان جي حصي جو پاڻي ڏيڻو ئي پوندو. سنڌو درياءَ پاڪستاني عوام جي لاءِ زندگي جيان آهي انهي معاملي تي ملڪ جي سمورن شهرين کي گڏ ٿي آواز اٿارڻو پوندو. هن عالمي سطح تي پاڻي جي گهٽتائي جي چيلنيجز جو ذڪر ڪندي چيو ته ڊريپ ايريگيشن سميت جديد زرعي ٽيڪنالاجي تي عمل ڪندي اسان پاڻي جي وسيلن کي محفوظ بنائي سگهون ٿا.
پ پ چيئرمين چيو ته صوبن کي انهن جو آئيني حق ڏيڻ ضروري آهي، اين ايف سي ايوارڊ هر 5 سالن کان پوءِ لازمي جاري ٿيڻ گهرجي. فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي جي سزا صوبن کي نه ڏني وڃي. 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان حڪومت يا ڪنهن پارٽي پيپلز پارٽي سان ڪوبه رابطو ناهي ڪيو اهي صرف ميڊيا رپورٽن تي ٻڌل ڳالهيون آهن.
هن سنڌ پيپلز هائوسنگ منصوبي کي شفاف ۽ ڪرپشن کان پاڪ قرار ڏيندي ٻڌايو ته انهي جي ذريعي لکين خاندانن کي گهر فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ هرشخص انهي جا تفصيل آن لائين ڏسي سگهي ٿو اهو منصوبو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وزن روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان موجب آهي.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ تعليمي ادارا، اسپتال ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيو آهن. موجوده معاشي چيلنجز جي باجود اسان صوبي جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ جو ارادو رکون ٿا ته جيئن نوجوان بهتر مستقبل طرف وڌي سگهن. هن حيدرآباد ۾ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي قيام جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جيڪڏهن وفاق انهي مطالبي کي پورو نه ڪيو ته سيالڪوٽ جيان صوبو پاڻ انهي منصوبي تي غور ڪندو.
بلاول ڀٽو رنگ روڊ منصوبي کي وڏي عوامي سهوليت قرار ڏيندي چيو ته پهريون ڀيرو حيدرآباد ۾ ترقي جي رفتار تيز ٿي آهي. ماضي ۾ مختلف پارٽين جي بلدياتي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪري ترقياتي ڪم رڪجي ويا هئا، هن چيو ته هاڻ عوام پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ ڏنو آهي انهي لاءِ اسان تي لازمي آهي ته اسان وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪريون. ميئر حيدرآباد ۽ انهي جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي بلاول چيو ته ايندڙ 2 سالن ۾ وڌيڪ منصوبا مڪمل ٿيندا ۽ عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي ۾ نمايان بهتري ايندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language