
لنڊن:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع)مشهور برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ غير امڪاني بهتري سان ڀارت جي پريشاني ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. اها اڳڀرائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت ۽ پاڪستان وچ ۾ تازو سفارتي رابطن جي نتيجي ۾ سامهون آئي آهي.
رپورٽ موجب فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير هن سال 2 ڀيرا آمريڪا جا اعليٰ سطحي دورا ڪيا، تازي دوري ۾ هن آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل مائيڪل ڪوريلا جي رٽائرمينٽ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. انهي کان اڳ جون ۾ فيلڊ مارشل صدر ٽرمپ سان 2 ڪلاڪن جي نجي ٻنپهرن جو ماني کاڌي، جيڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ جي صرف هڪ مهيني کان پوءِ ٿيو هو.
اها ملاقات انهي لاءِ به اهم آهي ڇو ته ماضي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان تي کليل عام تنقيد ڪئي هئي پر هاڻ منظرنامو تبديل ٿي چڪو آهي. ايشيا پيسيفڪ فائونڊيشن جي سينئر تجزيه ڪار مائيڪل ڪوگل مين فنانشنل ٽائمز سان ڳالهيون ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اها اڳڀرائي حيران ڪندڙ آهي پاڪستان انهي غير روايتي صدر سان لاڳاپا وڌائڻ جو فن چڱي ريت سمجهي ورتو آهي.
رپورٽ موجب پاڪستان اها ڪاميابي هڪ جامع حڪمت عملي ذريعي حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ دهشتگردي جي خلاف تعاون، صدر ٽرمپ جي بزنس نيٽ ورڪ ۾ موجود اهم شخصيتن تائين پهچ، توانائي، معدني وسيلا ۽ ڪرپٽو ڪرنسي بابت معاهدي شامل آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language