welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

موسميات کاتي 18 آگسٽ کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي:(ڇنڇر 16 آگسٽ 2025ع)موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب ڪمزور سانوڻي هوائون سنڌ جي اوڀرين حصي ۾ داخل ٿي رهيون آهن جنهن کان پوءِ 18 آگسٽ کان سانوڻي جون هوائون وڌيڪ طاقتور بڻجي سنڌ ۾ پکڙجي وينديون. موسميات کاتي ٻڌايو ته اڄ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موسم جزوي ۽ جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي. اڄ کان 18 آگسٽ تائين سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هلڪي ۽ وچولي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي ڪراچي جي حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ته 18 آگسٽ تي شهر ۾ به هلڪي ۽ وچولي برسات جو امڪان آهي. ٻئي طرف گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي. موسميات کاتي موجب 18 آگسٽ جي شام ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. سانوڻي جي اثر هيٺ 18 آگسٽ تي ڏينهن جي وقت موسم گرم ۽ وچولو رهي سگهي ٿو. انهي دوران گرمي پد 37 ڊگري کان وڌي سگهي ٿو. ٿرپارڪر ۾ کنوڻ سان برسات پئجي سگهي ٿي. عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، سانگهڙ، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمدخان، مٽياري، شهيد بينظير آٻاد ۽ خيرپور جي ضلعن ۾ اڄ هلڪي برسات جو امڪان آهي. سومر جي شام کان رات تائين اهو سلسلو ڪراچي جو رخ ڪندو. جڏهن ته اربع، خميس(20 کان 21 آگسٽ) ڪراچي ۾ تيز برساتن جا ڪيترائي اسپيل موجود آهن. جنهن جي نتيجي ۾ اربن فلڊنگ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے