welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ جي وڏي وزير 10 راشن جا ٽرڪ خيبرپختونخواهه اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي:(ڇنڇر 16 آگسٽ 2025ع)سنڌ حڪومت خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو خيبرپختونخواهه حڪومت سان رابطو ٿيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي ضرورت موجب واٽر فلٽريشن پلانٽ خيبرپختونخواهه ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ جي وڏي وزير 10 ٽرڪ راشن جي ٿيلهن ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون فوري طور تي خيبرپختونخواهه اماڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت هن مشڪل گهڙي ۾ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر ڀائرن سان گڏ آهي. هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے