لاھور:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ حماد اظهر اعلان ڪيو آهي ته هو قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 129 لاهور تان اليڪشن نه وڙهندو، جيڪا سندس پيءُ ميان اظهر جي وفات سبب خالي ٿي هئي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ حماد اظهر چيو ته هن پنهنجي ماءُ جي هدايت تي اين اي 129 جي ضمني اليڪشن نه وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
حماد اظهر چيو ته سندس مرحوم پيءُ 82 سالن جي عمر ۾ آخري اليڪشن وڙهيو هو، پوليس سندس پيءُ کي تنگ ڪيو، کيس گرفتار ڪيو ۽ سندس گهر تي بار بار ڇاپا هنيا.
هن چيو ته هو پنهنجي پيءُ جو اڪيلو پٽ ۽ خاندان جو اڪيلو وارث آهي، هو پنهنجي ماءُ کي ٻيو صدمو نه ڏيڻ چاهي ٿو.
حماد اظهر پيءُ جي خالي ٿيل سيٽ اين اي 129 تان اليڪشن نه وڙهڻ جو اعلان ڪيو
تصوير: اسڪرين شاٽ حماد اظهر ايڪس اڪائونٽ
حماد اظهر چيو ته فارم 47 سان پارليامينٽ جو حصو بڻجڻ جو سندس ڪو به ارادو ناهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ بائيڪاٽ نه ڪيو ته سندس ڪزن ارسلان ظهير کي ضمني اليڪشن وڙهڻ گهرجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language