اسلام آباد:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع) انڪشاف ٿيو آهي ته وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم جا ليپ ٽاپ غائب آهن.
پبلڪ اڪائونٽس سب ڪميٽي جي اجلاس دوران، ايڇ اي سي پاران مختلف يونيورسٽين کي ڏنل وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم فيز 2 جي ڪجهه ليپ ٽاپن جو معاملو سامهون آيو.هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي عملدارن موجب، مختلف يونيورسٽين کي ڏنل 784 ليپ ٽاپ هٿ ڪيا ويا آهن، پر 227 ليپ ٽاپ اڃا تائين غائب آهن.
ايڇ اي سي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته رپورٽ موجب، گم ٿيل ليپ ٽاپن جي ڪري حڪومت کي 11.9 ملين رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي.
ان کان علاوه، يونيورسٽين پاران 757 ليپ ٽاپن جو رڪارڊ جمع نه ڪرايو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language