welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايف سي بلوچستان جو دهشتگردن خلاف وڏو آپريشن، 11 دهشتگرد مارجي ويا، 2 سپاهي شهيد

پنجگور:(ڇنڇر 02 آگسٽ 2025ع)ايف سي بلوچستان سائوٿ پنجگور جي گرگو علائقي ۾ دهشتگرد تنظيم فتنہ الھندوستان خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو، بروقت انٽيليجنس رپورٽ تي ڪارروائي ڪندي، جنهن ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا. ترجمان موجب، ايف سي جي 91 ونگ جي جوانن رات دير سان دهشتگردن سان مقابلو ڪيو. انٽيليجنس ذريعن کان دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع بروقت ملي، جنهن کان پوءِ علائقي ۾ فوري ڪارروائي ڪئي وئي. دهشتگردن سان جهيڙي دوران، دشمن سان وڙهندي 2 ايف سي جوان شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي جي ڪري، دشمن کي وڏو جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے