اسلام آباد:(اربع 09 جولاءِ 2025ع)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.
نيپرا پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڊسڪو جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ 49 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڊسڪو جي صارفين لاءِ بجلي جي شرحن ۾ گهٽتائي مئي جي مهيني جي فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ جي حصي طور ڪئي وئي آهي.
بيان موجب، ڪراچي جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ في يونٽ 4.60 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڪي-اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي شرحن ۾ گهٽتائي اپريل جي مهيني جي فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ جي حصي طور ڪئي وئي آهي.
فيصلي موجب، هي گهٽتائي سڀني ڊسڪو ۽ ڪي-اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو ٿيندي، پر لائف لائن، پري پيڊ صارفين ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنن تي لاڳو نه ٿيندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language