بوگوٽا:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع)آمريڪا ۽ ڪولمبيا سفارتي ڇڪتاڻ سبب پنهنجا سفير واپس گهرائي ورتا.
نيوز ايجنسي موجب، صدر پيٽرو خلاف هڪ سازش جي الزام تي ڪولمبيا ۾ لاڳاپا خراب ٿي ويا، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن پنهنجا سفير واپس گهرائي ورتا.
آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ چيو ته هن ڪولمبيا جي حڪومت جي بي بنياد ۽ مذمتي بيانن جو جواب ڏنو، لاڳاپن جي موجوده حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ قدم غور هيٺ آهن.
ڪولمبيا جي پرڏيهي وزير به اختلافن تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هن چيو ته صدر پيٽرو جا تازا فيصلا ذاتي ۽ اصولن جي خلاف آهن.
ڪولمبيا جي پراسيڪيوٽرن صدر پيٽرو خلاف بغاوت جي سازش جي جاچ شروع ڪئي آهي. جنوري ۾، آمريڪا ڪولمبيا جي پناهگيرن جي واپسي کي روڪڻ لاءِ قونصلر سروسز معطل ڪري ڇڏيون.
ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي تي 50 سيڪڙو تائين ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي. ڪولمبيا آمريڪا کي گهربل ٻن باغي اڳواڻن جي حوالگي کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language